پشاور هاءِ ڪورٽ جو سماجي ڪارڪن جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل روڪڻ جو حڪم

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ سماجي ڪارڪن ادريس خٽڪ جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس وقار احمد سيٺ ۽ جسٽس ناصر محفوظ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ادريس خٽڪ جا وڪيل عبداللطيف آفريدي ۽ طارق افغان ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ عدالت کي اپيل ڪئي ته فوجي عدالت ۾ ادريس خٽڪ جو ٽرائل نٿو ٿي سگهي، فوجي عدالت ۾ ادريس خٽڪ جو ٽرائل غير قانوني قرار ڏنو وڃي.

عدالت درخواست منظور ڪندي سماجي ڪارڪن ادريس خٽڪ جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ روڪڻ ۽ ادريس خٽڪ جي درخواست تي فيصلو ٿيڻ تائين ان خلاف وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.