”عدالت پي ٽي اي خلاف ڪارروائي جو چئي ڇڏيو“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي خلاف درخواست تي پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪندي اداري جي سينيئر آفيسر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله سوشل ميڊيا ايپ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي اي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي هڻندي عدالت جي ٻن فيصلن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي سيڪيورٽي جي پس منظر ۾ ته ناهي هنئي وئي؟ اهڙي طرح ته ڀرپور انٽرنيٽ بند ڪرڻو پوندو، ائين ته ناهي نه جو موٽر وي تي ڏوهه ٿيو ته موٽر وي کي ئي بند ڪيو وڃي، پوءِ ته سمورا چينل ئي بند ڪري ڇڏيو.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ڪير فيصلو ٿو ڪري ته هي غير اخلاقي آهي ۽ هي غير اخلاقي ناهي، ڇو نه پي ٽي آءِ جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وڃي. هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کي نوٽيس جاري ڪندي اداري جي سينيئر آفيسر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.