اسرائيل والاريل فلسطيني علائقي ۾ نين يهودي وسندين جي منظوري ڏئي ڇڏي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل اولهه ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي ۾ سوين نوان گهر اڏڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ان حوالي سان اسرائيل جي سول انتظاميا جي منصوبابندي ڪميٽي گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته 1313 هائوسنگ يونٽس جي منظوري ڏني وئي اهي.

سول انتظاميا موجب ان کانسواءِ 853 واڌو هائوسنگ يونٽس جي معاملي ۾ به گهڻي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي پر اڃا ان جي حتمي طور منظوري ناهي ڏني وئي.

واضح رهي ته ان کان اڳ اسرائيل عرب ملڪن سان لاڳاپن جي بحالي کي نظر ۾ رکندي اولهه ڪناري کي ضم ڪرڻ جي پنهنجي منصوبي کي عارضي طور معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.