ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، فعال ڪيسن جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي مريضن جو انگ 9 هزار 209 ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 13 ماڻهو ڪورونا جي ڪري حياتي تان هٿ ڌوئي ويٺا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 755 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 21 هزار 218 ٿي ويو.

اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ 9 هزار 209 ٿي ويو جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 5 هزار 395 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 13 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 6 هزار 614 ٿي ويو.

سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 40 هزار 997، پنجاب ۾ هڪ لک 1 هزار 237، خيبرپختونخواهه ۾ 38 هزار 464، اسلام آباد ۾ 17 هزار 681، بلوچستان ۾ 15 هزار 599، آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 258 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 982 انگ ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.