جسٽس فائز عيسيٰ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو به وزيراعظم کي نوٽيس موڪلڻ جو اشارو

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وزير اعظم کي صحيح نوٽيس ڏنو، اسان به هن کي نوٽيس جاري ڪنداسين.

چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ قاسم خان ڪرتارپور روڊ جي اڏاوت بابت شڪر ڳڙهه بار ايسوسيئيشن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل ٽارني جنرل، شڪر ڳڙهه بار ايسوسيئيشن طرفان هاءِ ڪورٽ بار جو صدر نصر الله وڙائچ ۽ ٻي عدالت ۾ پيش ٿيا.

چيف جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا ته هي ڪرتارپور پراجيڪٽ وفاقي حڪومت ڪيئن بڻايو، مذهبي عقيدتمند جيڪڏهن لاهور کان ڪرتارپور وڃڻ چاهن ته روڊ جي حالت ئي خراب آهي، توهان ڪا نئين جاءِ ته ناهي ٺاهي هي ته مذهبي جاءِ آهي ۽ هميشه کان آهي. توهان کي ته عقيدتمندن کي سهولت ڏيڻي هئي، اِهو پتو لڳايو ته هي پراجيڪٽ وفاقي حڪومت ڪيئن وٺي ڇڏيو. ڇا وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي فنڊ ٽرانسفر ڪيا هئا، توهان ڪميونيڪيشن مان آهيو توهان کي خبر هوندي.

آفسر ڪميونيڪيشن ڊيپارٽمنٽ جواب ڏنو ته مون کي علم ناهي.

چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ چيو ته ان جو مطلب آهي ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي آئيني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي، ان تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صحيح نوٽيس ڏنو آهي، اسان به وزير اعظم سميت ٻين کي صوبائي حڪومت جي معاملن ۾ دخل اندازي تي نوٽيس جاري ڪنداسين، هي ته حڪومت جو سڀ کان وڏو لطيفو  ٿي ويو، اربرن رپيا هتي وزير اعظم  ۽ وڏو وزير پنهنجي ضلعي تي خرچ ڪري رهيا آهن، هي قومي مفاد جو روڊ آهي پر هتي خرچ نه پيا ڪن، اِهي ڳالهيون توهان کي ٽن مهينن کان سمجهه ۾ نه پيو اچن اڄ لکيل نموني ڪرڻيون پيون.

عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ٻن هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.