پ پ جو سينيئر اڳواڻ راشد رباني لاڏاڻو ڪري ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ راشد رباني لاڏاڻو ڪري ويو.

راشد رباني جي وارثن تصديق ڪندي ٻڌايو هو ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان نجي اسپتال ۾ وينٽي ليٽر تي هو ۽ اڄ لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

واضح رهي ته سياسي معاملن بابت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو خاص مددگار راشد رباني 6 مئي تي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيو هو.

سيد مراد علي شاهه سينيئر پ پ اڳواڻ راشد رباني جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته راشد رباني جو شمار محترمه بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو، مرحوم جون جمهوريت لاءِ خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.