وزير اعظم جو پارٽي ڪارڪنن کي نواز شريف جي تقرير خراب ڪرڻ جو ٽاسڪ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان پي ٽي آءِ (يو ڪي) کي نواز شريف جي تقرير خراب ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو.

هڪ مقامي اخبار صاحبزادي جهانگير جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته وزير اعظم عمران خان پي ٽي آءِ (برطانيا) جي عهديدارن ۽ ايڊوائزر صاحبزاده جميل کي هدايت ڪئي آهي ته هو پي ڊي ايم جلسي کي نواز شريف جي خطاب دوران سندس گهر ٻاهران مظاهرو ڪن ته جيئن اڳوڻي وزير اعظم جي تقرير ۾ خلل پوي.

اخبار دعويٰ ڪئي ته ان سلسلي ۾ 10 هزار پائونڊ جو فنڊ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ (يو ڪي) ۽ پاڪستان پيٽرياٽڪ فرنٽ جا ورڪر ايون فيلڊ اندر حسن نواز جي آفيس ٻاهران تقرير کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.

اخبار موجب صاحبزادي جو چوڻ هو ته وزير اعظم چيو آهي ته ان مظاهري کي سمورن ٽي وي چينلن تي لائو ڏيکاريو ويندو.

خابرو اداري موجب هاءِ ڪميشن جي ڪجهه اهلڪارن ان ڳالهه تي مزاحمت ڪئي ته رياستي وسيلن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، جنهن تي صاحبزادي جهانگير هاءِ ڪميشن سان ميٽنگ ڪري معاملي کي ختم ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.