اورماڙا: ڪوسٽل هاءِ وي تي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا

 

اورماڙا (ويب ڊيسڪ) ڪوسٽل هاءِ وي تي فائرنگ جي واقعي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.

ذريعن موجب بلوچستان جي سامونڊي شهر اورماڙا جي علائقي بوزي ٽاپ ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ فورسز جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي ۽ ضابطي جي ڪارروائي لاءِ مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.