نواز شريف کان ڪڏهن به استعيفيٰ طلب نه ڪئي: آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جي ترديد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) ظهير الاسلام چيو آهي ته هن اڳوڻي وزير اعظم کان ڪڏهن به استعيفيٰ طلب ناهي ڪئي.

دي نيوز سان ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل (ر) ظهير الاسلام سڌن لفظن ۾ انڪار ڪيو ته هن ڪنهن به شخص جي ذريعي وزير اعظم نواز شريف ڏانهن ڪو پيغام نه موڪليو هو.

هن چيو ته مون ڪنهن کي به وزير اعظم کي پيغام ڏيڻ لاءِ ناهي موڪليو، اِهو بلڪل غلط آهي، ان جي بدران، هن اصرار ڪيو ته 2014ع جي ڌرڻي وقت هر موقعي تي هو حڪومت کي مشورا ڏيندو رهيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ سان سياسي انداز سان منهن ڏنو وڃي جيئن احتجاج ختم ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.