ڌاٻيجي ۾ فيڪٽرين مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي : الهه بچايو ڪلمتي

سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي ساڪري جي اڳواڻ الهبچايو ڪلمتي چيو آهي ته ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽرين آمريلي اسٽيل مل ،اوڪي آئل مل ،انور ٽيڪسٽائل مل ،ڊيري ملڪ سميت هلندڙ ننڍن وڏن ڪارخانن ۾ مقامي پورهيتن لاء روزگار جا دروزا بند ڪري ٻاهريان ماڻھو گهرائي ڪري ڀرتي ڪيا پيا وڃن جنهن سبب مقامي پورهيت بک ۽ بدحالي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھين، ڌاٻيجي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهيندي سندس چوڻ هو ته نجي فيڪٽرين جي انتظاميا پنهجي ڏاڍ تي قائم رهندي سڀ ٻاهريان ماڻھو گهرائي انهن کي روزگار ڏئي رهي آھي هن چتاءُ ڏيندي چيو ته ڌاٻيجي جي نجي فيڪٽرين جي انتظاميا پنهجو قبلو درست نه ڪيو ته هر فيڪٽري جي اڳيان مقامي پورهيتن کي روزگار لاء ڌرڻو هنيوويندو ، انهي موقعي تي شاهنواز شيخ ،فاضل ڪلمتي موجود هئا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.