گهوٽڪي: ڊي سي جي صدارت هيٺ هٿرادو مهانگائي خلاف قدم کڻڻ لاءِ اجلاس

ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ هٿرادو مهانگائي خلاف قدم کڻڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيارڪارز سميت مارڪيٽ ڪاميٽي جي عملدارن ۽ دوڪاندارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته واپارين ۽ دوڪاندارن کي عام واهپي جي شين جا هٿرادو اگهه وڌائڻ جي اجازت نه ڏينداسون، دوڪاندارن پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته کين قانون موجب جيل جي هوا کائڻي پوندي. هن چيو ته ضلعي جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ انتظاميه جي ذميواري آهي انڪري ضلعي جي منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويندو ته جيئن غريب طبقي جون مشڪلاتون گهٽجي سگهن. هن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي ته هو هڪ هفتي اندر پنهنجي پنهنجي تعلقي جي هول سيلرز کان خريداري بل طلب ڪن ته جيئن انهن جو جائزو وٺي عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪري سگهجن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.