سوڀوديرو : رورل ھيلٿ سينٽر جي بدحالي ۽ انتظاميا جي پرواهي خلاف احتجاج

سوڀوديرو جي سرڪاري رورل ھيلٿ سينٽر ۾ فرنيچر، اسٽاف ۽ دوائن جي کوٽ ۽ بلڊنگ ۽ ايمرجنسي وارڊ جو ڪم ڏھن سالن کان رولڙي جو شڪار ھئڻ ڪري شھري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن ، شهرين  ايڊوڪيٽ عاشق علي شيخ۔زيب خان۔امداد اوٺي۔ ڪامريڊ وليداد عرف ضمير سھتو ۽ ٻين انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو ته سوڀوديرو اسپتال ۾ سالن کان ايڪسري مشين۔الٽرا سائونڊ  مشين۔ڊينٽل مشين خراب پيل آھن ڪيترائي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي ڊيپوٽيشن تي ضلع جي مختلف اسپتالن ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو آهي جنهن ڪري رورل هيلٿ سينٽر جو حال برو آهي ،شھرين چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ  ۽ وزيراعلي سنڌ کي اپيل ڪئي ته صحت جون سھولتون ڏئي ڪرپٽ عملي کي ھٽايو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.