ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان 10ورهين جو نينگر اکين جي پراسرار بيماري ۾ مبتلا

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ حاجي رمضان ورڙ واسي 10ورهين جو  نينگر رجب علي ورڙ ننڍي لاڪون ئي اکين جي پراسرار بيماري جي ورچڙهيل آهي جنهن سبب سندس هو ٻنهي اکين جي نور کان محروم آهي ،يتيم نينگر جي بيواھ امڙ ماتلي،حيدرآباد سميت مختلف اسپتالن مان معصوم پٽ جي اکين جو وس آهر علاج ڪرايو پر ڪٿان به کيس فرق ناهي پيو  سندس امڙ زينب ورڙ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ته جيئن هي معصوم به عام انسانن جيان زندگي گذاري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.