گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏتي ٽئين ڏينهن به مختلف شهرن ۾ احتجاج

مانجهند ۾ تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف طرفان هيلٿ رسڪ الائونس بند ڪرڻ خلاف او پي ڊي جي  ٽوڪن هڙتال ڪري ٻانهن تي ڪاريون پَٽيون ٻڌي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو ، ڪوٽڙي جي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران  به  اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ، جنهن سبب ٻهراڙيء کان آيل  عرتون، مرد ۽ پيرسن مريض دربدر ٿي ويا ، ميان صاحب ۽ جاڳڻ جي سرڪاري اسپتالن ۾ به پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران رسڪ الائونس جي بحالي لاء او پي ڊي جو ٽئين ڏينهن به  بائيڪاٽ ڪري احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويو ،ڏھرڪي  جي سرڪاري اسپتال  ۾به  پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي هڙتال سبب مريض پريشاني جو شڪار ٿي ويا ،سوڀوديرو ۾  پيراميڊيڪل رورل ھيلٿ سينٽر جي ملازمن ۽ ڊاڪٽرن پاران  ٽئين ڏينھن به  او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب  اسپتال آيل مريض درپدر ٿي ويا ، ڀرياسٽي ۾ به پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن آپڪا ھيلٿ ۽ پي ايم اي پاران رورل ھيلٿ سينٽر ڀرياسٽي ۾ محمد اشرف قريشي ۔ اڪرم راجپوت ۔ سلطان احمد جوڻيجو۔ عامر علي ميمڻ  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل ڏينھن سڄي سنڌ جون اسپتالون مڪمل بند رھيون پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه چري  ۽ غريب مريض تڙپندا رھيا ،هنن چيو ته صحت کاتي جا ملازم فرنٽ لائين تي ڪورونا سان جنگ وڙھڻ ۾ مصروف آھن پر سنڌ حڪومت رسڪ الائونس ڏيڻ کان لنوائي رهي آهي ، سندن چوڻ هو ته انهن جا مطالبا نه مڃيا ويا ته سي ايم هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.