”سڄي پنجاب ۾ پوليس گردي جي انتها ٿي چڪي آهي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان چيو آهي ته موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ پوليس جي بدنيتي واضح طور نظر اچي رهي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪمپيوٽرائزڊ رونامچو تيار ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سڄي پنجاب ۾ پوليس گردي جي انتها ٿي چڪي آهي.

موٽر وي زيادتي ڪيس جو حوالو ڏيندي چيف جسٽس چيو ته مک جوابدار عابد ملهي جو پيءُ رڙيون ڪري رهيو آهي ته عابد کي پاڻ پوليس حوالي ڪيم، عابد جو پيءُ چئي ٿو ته پوليس اهلڪار ڇِت تي سُتل هئا ۽ پوليس جي جاچ ٽيم ۾ انعام ورهائڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن.

جسٽس قاسم خان چيو ته20، 20 ڏينهن تائين ماڻهن جي فيمليز کي غير قانوني طور حراست ۾ رکيو ويندو آهي، پوليس جي بدنيتي واضح نظر اچي رهي آهي.

هن چيو ته ايس او پيز ٺاهڻ سان پوليس رولز ختم ٿي ويا؟ ترقي يافته ملڪن ۾ به هارڊ ڪاپي جو سسٽم ختم ناهي ٿيو، ڇا ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم ان ڪري ڪيو ويو ته پوليس آفيسر پنهنجون من مستيون ڪري سگهن؟

لاهور هاءِ ڪورٽ ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم تحت روزنامچو لکڻ جي قانوني ترميم ڪالعدم قرار ڏيندي سڄي پنجاب ۾ رات ساڍي 11هين وڳي کانپوءِ هٿ سان روزنامچو لکڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

جسٽس قاسم خان ريمارڪس ڏنا ته تحريري آرڊر جو انتظار نه ڪيو، ساڍي 11هين وڳي کانپوءِ عدالتي حڪم تي عمل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.