خبر پئي آ شهباز شريف نيب تحويل ۾ وڏيون ڳجهيون ملاقاتون پيو ڪري: شهزاد اڪبر

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته خبر پئي آ شهباز شريف اڄڪلهه نيب تحويل ۾ وڏيون ڳجهيون ملاقاتون ڪري رهيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف نيب جي عدالت ۾ وڃي ڊراما ڪندو آهي، اڃا شهباز شريف جي ڪاروبار جي فرانزڪ ٿيڻي آهي، تنهن ڪري ذهني پريشانيءَ جو شڪار آهي.

هن چيو ته نيب کي شريف فيملي جي ڪرپشن جو هڪ ٻيو ريفرنس وصول ٿيو آهي، العربيا شگر ملز ۽ رمضان شگر ملز جي 10 سالن جي رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو ته حيران ڪندڙ ڳالهيون سامهون آيون آهن ته انهن ڪمپنين جي گهٽ آمدني وارن ملازمن جي نالي تي بنا نالي اڪائونٽ ٺاهيا ۽ انهن اڪائونٽن ذريعي 22 ارب رپين کان وڌيڪ جي مني لانڊرنگ ڪئي.

سندس چوڻ هو ته گهٽ آمدني وارن 12 ملازمن جا نالا کوليا ويا، بنا نالي اڪائونٽن ذريعي 15 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻين ڪجهه ملازمن جي نالي تي 7 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، جيڪي ڊبل فيڪ ڪمپنيون هيون.

شهزاد اڪبر چيو ته 17-2016 ۾ سليمان شهباز جي ذاتي پٽيوالي ملڪ مقصود شخص جي نالي اڪائونٽ کولي ان ۾ 3.7 ارب رپيا مختلف کاتن ذريعي وجهرايا، جيئن ئي ٽي ٽي واري ڪيس جي شروعات ٿي ته ملڪ مقصود 2018 ۾ ملڪ مان فرار ٿي ويو هو، ٻيو شخص رمضان شگر ملز جي 18 مان 20 هزار رپيا پگهار کڻندڙ پٽيوالو محمد اسلم آهي، جنهن جي نالي تي کوليل اڪائونٽن ۾ 2014 کان 2017 تائين 2.3 ارب رپيا جمع ڪرايا ويا، رمضان شگز ملز جي ئي هڪ ڪلارڪ اظهر عباس جي اڪائونٽ ۾ 2011 کان وٺي 2014 تائين 1.67 ارب رپيا جمع ڪرايا ويا، رمضان شگر ملز جي هڪ ٻئي ڪلارڪ غلام شبر جي نالي تي 2012 کان وٺي 2014 تائين 1.57 ارب رپيا جمع ڪرايا ويا.

هن چيو ته رمضان شگر ملز جي پٽيوالي گلزار احمد خان جي نالي تي 2012 کان وٺي 2017 تائين 425 ملين رپيا جمع ڪرايا ويا، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گلزار احمد خان جيڪو انهن جي ڪمپني جو پٽيوالو هو فيبروري 2015 ۾ لاڏاڻو ڪري چڪو هو، ان جي لاڏاڻي باوجود اهو اڪائونٽ آپريٽ ٿيندو رهيو ۽ ان ۾ پئسا جمع ٿيندا رهيا، نڪرندا رهيا ۽ اڳتي ٽرانسفر ٿيندا رهيا.

سندس چوڻ هو ته مان شهباز شريف کان اڳ به 18 سوال پڇيا هئا پر انهن جو جواب نه ڏنو ويو، اڄڪلهه ته شهباز شريف نيب جي تحويل ۾ آهي ۽ مڪمل فارغ آهي، کانئس رڳو 3 سوال پڇي رهيو آهيان.

هن شهباز شريف کان سوال ڪيو ته ڇا توهان مسرور انور ۽ شعيب قمر کي نٿا سڃاڻو؟ شعيب قمر ۽ مسرور انور ٻئي نيب حراست ۾ آهن، 20 کان 25 هزار رپين جا ملازم آهن ۽ انهن ذريعي اربين رپين جي ٽرانزيڪشن ڪئي وئي.

شهزاد اڪبر ٻيو سوال ڪيو ته توهان خادم اعليٰ هيا ۽ توهان کي ته هڪ هڪ شئي جو علم هجي ها، توهان کي پنهنجي ڪاروبار جي خبر ناهي؟ توهان کي انهن ڳالهين جو علم نه هو ته توهان جي اڪائونٽ ۾ ڪير پئسا وجهرائي رهيو آهي؟

هن ٽيون سوال ڪيو ته توهان لنڊن جا 4 فليٽ ڪيئن ورتا؟ توهان موجب توهان وٽ ڪو آمدني ذريعو ناهي ته پوءِ اهي فليٽ ڪيئن ورتا ويا؟

سندس چوڻ هو ته شهباز  شريف جي خاندان جا ماڻهو لنڊن ۾ گذر ڪيئن ڪري رهيا آهن؟ ڇا توهان جو خاندان سٽيزن شپ حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن وزٽ ويزا تي آهيو ته وزٽ ويزا تي 6 مهينن کان وڌيڪ نٿا رهي سگهو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.