سال جي آخر تائين 8 کان 15 ڄڻا مخالف ڌر ڇڏي ويندا: شيخ رشيد جي دعويٰ

بهاولپور(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال جي پڄاڻي تائين مسلم ليگ ن مان (ش) نڪري ويندو ۽ 31 ڊسمبر کان اڳ 8 کان 15 ڄڻا مخالف ڌر ڇڏي هليا ويندا.

بهاولپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر کي جلسو ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي، ڪير ڊسمبر ته ڪير جنوري ۾ وڃڻ جو چئي رهيو آهي هن انهن کي چوڻ چاهيندس ته اسان 5 سالن جي لاءِ آيا آهيون.

هن مخالف جي انگ ۾ گهٽتائي جي دعويٰ ڪندي چيو ته هلندڙ سال جي آخر تائين ٻهارو ڦِري ويندو، شاهد خاقان عباسي جي چهري تي نور ڏسي رهيا آهيون.

سندس چوڻ هو ته پهرين نواز شريف چوندو هو ته بينظير قومي سلامتي جي لاءِ خطرو آهي ۽ هاڻ هن اتحاد ڪري ورتو آهي اِها به سٺي ڳالهه آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٻئي پاسي آصف زرداري کي خبر آهي ته جيل ڪڏهن وڃڻو آهي، اسپتال ڪڏهن وڃڻو آهي ۽ گهر ڪڏهن وڃڻو آهي، هن انهن ڪيسن جي باري ۾ ماسٽرز جي ڊگري ڪري رکي آهي.

هن چيو ته عمران خان کي اقتدار ڇڏڻو پيو تڏهن به هو انهن کي نه ڇڏيندو ۽ جيلن ۾ موڪلي رهندو، عمران خان ڪرپٽ حڪمرانن جي خلاف جهاد ڪري رهيو آهي.

هن مخالف ڌر پارٽين جي جلسي تي چيو ته جلسو ڪيو پر پاڪ فوج جي خلاف ڳالهه ڪئي ته انهن جي زبان ڇِڪي ڪڍي ويندي.

سندس چوڻ هو ته هن ملڪ جي خلاف عالمي سازش ڪئي پئي وڃي، پاڻ لنڊن ۾ ويٺو آهي ۽ عوام کي چوي ٿو ته روڊن تي نڪرو.

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي بابت ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مهانگائي جو اصل سبب اِهو آهي ته هن ملڪ کي خراب نموني لٽيو آهي، اسان وٽ آخري سال آهي جنهن ۾ اسان کي مهانگائي کي گهٽ ڪرڻو آهي.

جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان هلندڙ سال جي آخر تائين حڪومت جي خاتمي جي دعوي تي سندس چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان صاحب ڊسمبر تائين ڏسي رهيو آهي آئون مارچ ۾ عمران خان کي سينيٽ جو ٽڪيٽوجن ورهائيندي ڏسي رهيو آهيان.

پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي گرفتاري جي حوالي سان هن چيو ته آئون غريب ۽ ننڍن ورڪرز جي گرفتاري جي خلاف آهيان ۽ مطالبو ڪيان ٿو ته انهن سمورن ورڪرز کي آزاد ڪيو وڃي.

ريلوي ۾ واڌو عملي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته ريلوي جو عملو گهڻو آهي تنهن هوندي جيستائين وزير آهيان ڪنهن کي به نه ڪڍندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.