اتر وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ پاڪ فوج جو ڪيپٽن ۽ 5 جوان شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ پاڪ فوج جي ڪيپٽن سميت 6 فوجي شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن فورسز تي آءِ اي ڊي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ آفيسر ۽ 5 جوان شهيد ٿيا.

دهشتگردن رزمڪ ڀرسان فورسز جي قافلي کي روڊ ڪناري رکيل بم سان نشانو بڻايو.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته حملي ۾ 24 ورهين جو ڪيپٽن عمر فاروق، نائب صوبيدار رياض احمد، نائب صوبيدار شڪيل آزاد، حوالدار يونس، نائيڪ نديم ۽ لانس نائيڪ عصمت الله شهادت ماڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.