سکر ۾ بزرگ شهرين جي ڏهاڙي تي جاڳرتا ريلي

سکر ( رپورٽر) ضلعي انتظاميه سکر پاران بزرگ شهرين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي يو سي 13 جي آفيس انور پراچا اسپتال کان سکر پريس ڪلب تائين جاگرتا واڪ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر غلام رضا پٺاڻ، سيد نصير شاهه، زبير احمد مهر، اڳوڻي چئيرمين يو سي غلام مرتضيٰ گهانگهرو، طفيل شيخ، زاهد خاصخيلي، صبيحا ڀٽو، الهي بخش ميتلو ايڊوڪيٽ، برڪت انصاري، عبيد الله ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ڪئي وئي. واڪ ۾ سماجي بهبود کاتي، سماجي تنظيمن، شهرين، سول سوسائٽيز، وڪيلن سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جاگرتا واڪ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سينئر سٽيزن ويلفيئر ايڪٽ 2014 جو مقصد بزرگن کي سماجي سطح تي ان جو حق ڏيارن ۽ اعتراف، فلاح و بهبود جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سان گڏ مڪمل طور حمايت ڪرڻ آهي.  ان سلسلي ۾ قانون مطابق بزرگ شهري ڪائونسل پڻ پنهنجو مضبوط ڪردار ادا ڪندي، قانون تحت 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر واري شهرين کي جسماني، روحاني، سماجي، معاشي حوالي سان سهولتون فراهم ڪرڻ مقاصد ۾ شامل آهي، ان سلسلي ۾ ڪائونسل ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪم ڪندڙ تنظيمن سان رابطو پڻ رکندي. انهن چيو ته سينئر سٽيزن ويلفيئر ايڪٽ 2014 تحت بزرگ شهرين لاءِ سيف هائوسسز (گهر) جو قيام، علاج معالجي جي فراهمي، ٽرانسپورٽ ۾ مخصوص سيٽون، ڪراين ۾ رعايت، بينڪن، اسپتالن ۽ ٻين هنڌن تي بزرگ شهرين لاءِ الگ ڪائونٽر ٺاهيڻ، دوائون ۽ ٻيون طبي سهولتون، جائيداد جي منتقلي ۾ آساني، بزرگ شهري فنڊ سميت خاص طور تي بزرگ شهرين کي اڪيلو ڪرڻ واري عمل تي ضابطي لاءِ ڪم ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.