گهوٽڪي ۾ميونسپل ملازمن جو احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهيون،ملازم پاڪ ڪتاب کڻي ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي بنگلي تي احتجاج ڪرڻ لاءِ پهچي ويا.خبر موجب گهوٽڪي جي ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه ملي سگهيون اهڙي عمل خلاف ملازم امداد رند،نانگ ابڙو،علي اصغر ڪڪڙو،عنايت الله،فريڊ مهر،مير محمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي عادلپور ۾ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي بنگلي آڏو احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي صوبائي وزير مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جلد پگهارون ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي جنهن تي احتجاج ختم ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.