شهريار شر جو ڀائيٽيو امتياز شر پ پ ۾ شامل

خانپورمهر (ن ع آ)گهوٽڪي ضلعي ۾ بلدياتي چونڊون ويجهو ايندي ئي اتحادي ٽوڙڻ جو سلسلو شروع، پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ايم پي اي  شهريار شر جي ڀائيٽي امتياز خان کي به پ پ ۾ آڻي ڇڏيوآهي ، پي  ٽي آءِ ايم پي اي شهريار خان شر جو ڀائيٽو امتياز خان شر اتحادين  سميت خانڳڙھ پهچي پ پ ۾ اعلان ڪري ڇڏيو آهي امتياز شر مهر هائوس خانڳڙھ ۾ پهچي سردار  محمد بخش خان مهر سان ملاقات بعد سندس موجودگي ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو  مرحوم آغا احمد يار خان شر جي فرزند امتياز خان شر ان موقعي تي پ پ سان ساٿ نڀائڻ جا وچن ڪيا. ان موقعي تي امتياز خان شر چيو ته اڄ کان پوء اسان جون سموريون وفاداريون پ پ ۽ سردار محمد بخش خان مهر سان آهن  ان کان اڳ گذريل ڏينهن ايم پي اي راجا خان مهر جو ويجهو ساٿي سليم الله ڪلوڙ ۽ اختر خان سنگهڙ به پي پي ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر ۽ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو جي موجودگي ۾ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو هو ٻئي طرف جي يو آء ضلعي گهوٽڪي جي امير مولانا اسحاق لغاري وفد جي صورت ۾ خانڳڙھ مهر هائوس پهچي سردار محمد بخش خان مهر سان ملاقات ڪري گهوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون گهوٽڪي ضلعي ۾ بلدياتي چونڊون ايندي ئي جوڙ توڙ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.