جوهي ۾ قتل ڪيل فاروق گاڏهي جا قاتل پڪڙ کان آجا

جوهي (ن ع آ) دادو ويجهو چار مهينا اڳ 8 جون تي بي دردي سان قتل ٿي ويل ٿرديپ جي فيلڊ آفيسر والدين جي اڪيلي پٽ نوجوان فاروق علي گاڏهي جي ناحق خون سان انصاف نه ٿي سگهيو، دادو پوليس 4 مهينن دوران قاتلن اصغر باهوٽو ۽ حامد باهوٽو کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، مقتول فاروق گاڏهي جا قاتل دادو پوليس لاءِ چيلينج بڻيل آهن، پوليس جي روايتي نااهلي سبب قاتل آزادي سان سرعام گهمي رهيا آهن، قاتلن پاران مقتول جي پيءُ دائم گاڏهي، بيوھ غفوران فاروق کي ڪيس تان هٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ جاني ۽ مالي نقصان جون ڌمڪيون جاري آهن ان سلسلي ۾ مقتول جي پيءُ دائم گاڏهي جو چوڻ آهي ته کيس 7 نياڻين سان گڏ نوجوان فاروق علي اڪيلو وارث پٽ هيو جنهن کي ظالمن دادو جوهي روڊ سان سرعام گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران کين آزاد ڇڏيو ويو آهي.

قتل ڪيس جي انڪوائري دوران 3 ڀيرا جاچ آفيسر تبديل، پوليس ڪو به ٻوٽو نه ٻاري سگهي

جوهي: مقتول فاروق علي گاڏهي جي قتل ڪيس جي جاچ دوران 3 انڪوائري آفيسر تبديل ڪيا ويا، قتل واري ٽائيم تي ايف آر درج ڪندڙ اي ايس آءِ خدابخش سولنگي، ايس ايڇ او منور چانڊيو، ايس ايڇ امان الله چنو کي انڪوائري مڪمل ڪرڻ ۽ قاتل گرفتار ڪرڻ کان اول ئي هٽايا ويا. جڏهن ته هن وقت جاچ بي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر ڪيل  ايس ايڇ او منظور مستوئي جي حوالي آهي پر هن وقت تائين پوليس ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهي آهي.

نوجوان جي بي رحماڻي قتل تي کيس ڏک آهي،پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي: ايس ايس پي دادو

جوهي: مقتول فاروق گاڏهي جي قتل متعلق ايس ايس پي دادو جو چوڻ آهي ته نوجوان جي بي رحماڻي قتل تي کيس بي حد ڏک آهي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن پوليس مختلف جاين تي ڇاپا هڻي رهي آهي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.