نوشهري ۾ نرسن جو پگهارن لاءِ احتجاج

نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاس هيلٿ کاتي ۾ اسٽاف نرسز اميدوارن پاران 6 مهينن جون پگهارون نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ڄام نياز حسين، سهيل عمراڻي، سرفراز سومرو، محمد طارق ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران ڪورونا ايمرجنسي دوران اسان کان ڊيوٽيون ورتيون ويون پر 6 مهينا گذرڻ باوجود اسان کي پگهارون نه ڏنيون ويون آهن . جڏهن ته ڪراچي ۾ احتجاج دوران سيڪريٽري هيلٿ اسان کي پڪو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو جنهن کان پوءِ احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو پر ان باوجود ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن پر اسان کي هن مهل تائين پڪو ناهي ڪيو ويو. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي 6 مهينن جون رهيل پگهارون ڏئي جلد پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.