سڪرنڊ ۾ پ پ ش ڀ جي ڪارڪن جو مهانگائي خلاف احتجاج

سڪرنڊ ( ن ع آ ) پ پ شهيد ڀٽو سڪرنڊ تعلقي جي پراڻي ورڪر گلبهار راهو سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي پ پ شهيد ڀٽو جو جهنڊو کڻي مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف اڪيلي سر احتجاج ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته افسوس آهي ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جي هئڻ باوجود مهانگائي جو طوفان آهي سنڌ حڪومت روز مرهه جي شين جي اگهن تي ڪو به ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي. هتي هرڪو پنهنجي مفادن خاطر خاموش بڻيل آهي منهنجي ضمير مون کي ملامت ڪئي ته مان اڪيلي سر پ پ شهيد ڀٽو جو جهنڊو کڻي احتجاج ڪري حڪمرانن کي جاڳايان. ان موقعي تي وڏي انگ ۾ شهري پڻ گڏ ٿي ويا . جن پڻ هن جي حمايت ڪئي ۽ انوکي احتجاج ڪرڻ تي کيس داد ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.