ڪي اين شاهه ۾ ناري سان ٿيل زيادتي خلاف احتجاج

خيرپورناٿن شاھه (ت ر) دادو ۾ نياڻي (س) سومرو سان ٿيل زيادتي خلاف خيرپورناٿن شاھه ۾ شھيد دودو سومرو آرگنائيزيشن پاران نذير احمد سومرو عبدالرحمان سومرو صدرالدين سومرو مختيار علي سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دادو ۾ وحشي ظالم جوبدارن نياڻي سان وڏي زيادتي ڪئي آھي . هنن چيو ته اسين سومرا برادري سحرش سومرو جي وارثن سان هر ڏکي گهڙي ۾ گڏ آھيون هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته نياڻي سحرش سومرو سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري فوري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.