شڪارپور ۾ پ پ هاري ڪميٽي جي اڳواڻ جو پٽ بيمار ي سبب فوت

شڪارپور(  ڊ ر )  پيپلز هاري ڪميٽي ضلع شڪارپور جي نائب صدر سينئر صحافي ديدار احمد  بلوچ جو چار سالن جو معصوم پٽ ڪجھ عرصو بيمار رهڻ کان پوء علاج دوران سکر غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ داخل هو جيڪو گذريل ڏينهن اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آھي۔ جنهن سان سياسي سماجي ڌرين پاران تعزيت ڪئي ۽  ڏک جي گهڙي ۾ ساڻ گڏ آھيون۔.

لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻن پاران غريبن ۾ مفت سامان جي ورڇ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ هوم ليس صدقه انٽرنيشنل فائونڊيشن چيپٽر لاڙڪاڻو طرفان شهر جي علائقن ۾ وڃي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن ۾ راشن ورهايو. ان موقعي تي فائونڊيشن جي چيئرمين صدرالدين شيخ، سماجي اڳواڻ شيخ سرفراز، عبدالستار شيخ، خالد قمر قريشي ۽ پروفيسر منظور علي چيو ته اسين هر وقت اهڙن غريبن، مسڪينن ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد جي لاءِ تيار آهيون، راشن ورهائڻ جو هي پهريون مرحلو آهي . ٻئي مرحلي جي حوالي سان اسين ڏوڪري، نئون ديرو ۽ رتوديرو شهر توڙي مختلف ڳوٺن ۾ سروي ڪري چڪا آهيون تمام جلد انهن غريب، مسڪينن ۽ بي پهچ ماڻهن ۾ به راشن ورهايو ويندو.

نوشهري ۾ ادبي سنگت جي چونڊيل عهديدار جي مان ۾ آجياڻو

نوشھرو  فيروز (ڊ ر)سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اليڪشن ۾ ضلعي نوشھرو  فيروز تي جونڊيل ضلعي رابطا سيڪريٽري  سبحان سوز جتوئي جي مان ۾ عوامي پريس ڪلب نوشھرو  فيروز ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنهن  ۾ پريس ڪلب جي صدر اختر حسين چانڊيو ايم ظفر تڳر امجد ميمڻ جبار ملاح فريد احمد لاشاري مھر وسطڙو خالد چانڊيو الھ اوڀايو تڳر دين محمد تڳر اسد عمراڻي ماجد تڳر محسن سيال ۽ ٻين جونڊيل ضلعي رابطا سيڪريٽري سبحان سوز جتوئي کي اجرڪ ۽ گلن جا ھار پارايا . ان موقعي تي ھن خطاب ڪندي چيو ته  منهنجي ڪاميابي ۾ جن دوستن جو ھٿ آھي انهن سميت پوري ضلعي نوشھرو  فيروز جي شاخن تي ھڪ ڪتاب آڻيندس ھن چيو ته  عوامي پريس ڪلب جيڪو مونکي مان ڏنو آهي ان تي سندن شڪرگذار آھيان.

سنڌ جا وسيلا وفاق جي جاگير ناهن: فھد خان وساڻ

شھدادپور ( ن ع آ )18 آڪٽوبر وارو جلسو وفاقي حڪومت خلاف ريفرنڊم ثابت ٿيندو.سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ وارن جو حشر ماضي کان وڌيڪ ڀيانڪ ٿيندو.18 ترميم ذريعي صوبن کي مليل خودمختياري نيازي سرڪار کان هضم نٿي ٿئي.سنڌ جا وسيلن تي صرف سنڌ جي عوام جو حق آهي. .اهڙن خيالن جو اظھارمشهور سياسي سماجي شخصيت ۽ پيپلزپارٽي ضلعي سانگهڙ جي نئين مقرر ٿيل ڊسٽرڪٽ ڪاميٽي سانگھڙ جي ميمبر رئيس فھدخان وساڻ شھدادپور ۾ ساڻس ملندڙ سوين ڪارڪنن ۽ عهديدارن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران کيس مبارڪباد ڏيڻ واري سلسلي دوران وساڻ ھائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وفاقي سرڪار جي غلط منصوبا بندي سبب مهنگائي جو طوفان برپا ٿي ويو آهي

درگاهه سعدي موساڻي تي شاهينگ گداگري ڪندڙ فقير کي نشو ڏئي پئسا ڪڍي ويا

نئون ڳوٺ ( ن ع آ) درگاهھ سعيدي موساڻي تي نامعلوم شاھينگ گداگري ڪندڙ 60 ورھين جي نامعلوم پيرسن کي نشو ڏئي سندس کيسي مان پيئسا ڪڍي ويا دڪاندارن فقير کي بيھوشي جي حالت ۾ ڏسي نئون ڳوٺ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن مقامي ڊاڪٽر گھرائي پيرسن کي ھوش ۾ آڻڻ لاءِ اعلاج شروع ڪيو پر نشو گهڻو ھجڻ ڪري خبر موڪلڻ تائين سندس کي ھوش اچي نه سگھيو.

مٺي ۾ 50 ٻارن کي تعليم، امن، ثقافت ۽ ٻين سرگرمين جي حوالي سان 4 ڏينهن جي تربيت جو سلسلو شروع

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي ۾ ٿر ايجيوڪيشن الائنس طرفان ٿر جي 13 اسڪولن جي چونڊيل  50 ٻارن کي تعليم، امن، ثقافت ۽ ٻين سرگرمين جي حوالي سان 4 ڏينهن جي تربيت جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي. مٺي جي ٻن نجي هالن ۾ 25،25 ٻارن کي ڪورونا جي ايس او پي کي مدنظر رکندي تربيت ڏني پئي وڃي، تربيت جي افتتاحي تقريب ۾ ڳالهائيندي ٿر ايجيوڪيشن الائنس جي چيف ايگزيڪيٽوو آفيسر پرتاب شيواڻي چيو ته تعليم کاتي ٿرپارڪر جي سهڪار سان 50 ٻارن کي هڪ ٽيسٽ وٺڻ تربيت ۾ شامل ڪيو ويو آھي، هن چيو ته سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ٻارن جي اسيمبلي جوڙي رهيا آھيون، هن تربيت ۾ شامل ٻار پنهنجو وزير اعليٰ ۽ ڪابينا جوڙيندا،  جيڪي سنڌ اسيمبلي ۽ ثقافتي جڳهين جو مطالعاتي دورو به ڪندا ۽ پنهنجي اسڪولن ۾ ٻارن جا ڪلب ٺاهي غير نصابي سرگرميون ڪندا، هن وقت انهن ٻارن کي ٿر جي تاريخ، تعليمي صورتحال، امن، پارليامينٽ، سوشل ميڊيا جو مثبت استعمال ۽ ٻين مختلف موضوعن تي تربيت ڏني پئي وڃي. ، تربيت جي آخري ڏھاڙي ٻارڙا پنهنجي ڪابينا جي چونڊ ڪندا، جنهن جي حلف برداري تقريب پڻ ڪوٺائي ويندي، جنهن ۾ چونڊيل نمائنده، ضلعي آفيسر ۽ سماجي ڪارڪن شرڪت ڪندا.ان موقعي سوشل ميڊيا جي سرگرم ڪارڪن فرهاد جرال، ڪپيل ديو ۽ ٻين مختلف موضوعن تي تربيت ڏني. تربيتي ورڪشاپ جو ڏپٽي ڊي اي او ٿرپارڪر محمد بچل هاليپوٽو پڻ جائزو ورتو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.