مدئجي ۾ زمين تي قبضي خلاف متاثرن جو ڌرڻو

مدئجي(ن ع آ ) ڳوٺ محمد خان ٻرڙو جي رهواسين جي رزعي زمين تي ڪيل قبضو ختم نه ٿيو جنهن خلاف ڳوٺاڻن محمد عظيم ٻرڙو،پٺاڻ ٻرڙو ۽ ٻين پنهنجي معصوم ٻارن ۽ نياڻين سميت پريس ڪلب پهچي احتجاج جاري رکيو،ان موقعي تي متاثرين ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته پنهنجي برادري جي بااثرن ۽ پوليس اهلڪارن اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي جنهن خلاف احتجاج ڪرڻ تي جوابدار عبدالحميد،ممتاز،امتياز ٻرڙو ۽ پوليس اهلڪارن محبوب ٻرڙو ۽ فياض ٻرڙو اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، احتجاج ڪرڻ تان پوليس اهلڪار اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ توڙي موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن،هنن الزام هڻندي چيوته ڄاڻايل پوليس اهلڪار جوابدارن سان ملي اسان جي زبردستي زرعي زمين تي بيٺل فصل لڻي ويا آهن،جڏهن ته ڪورٽ مان اسان جي حق ۾ آيل فيصلي جون ڪاپيون ڳاهيجا پوليس وٽ جمع ڪرائڻ باوجود پوليس پنهنجي پٽي ڀائين خلاف ڪارروائي نٿي ڪري جنهن ڪري هو اسان کي سرِعام ڌمڪائي رهيا آهن،مظاهرين اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته جوابدارن پاران زمين تي ڪيل قبضو ختم ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.