ريتي ۽ ڀرپاسي مڇر، ماڻهو مليريا ۾ وٺجي ويا

ريتي (ن ع آ) ريتي۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي صحت کاتي  جون مڇر ماريندڙ  ٽيمون نه پهتيون ڪيترا مرد عورتون توڙي ٻار دست الٽين ۽ بخار ۾مبتلا ٿي ويا آهن ريتي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ريتي، نيو ريتي، بخش چاچڙ ، ريتي شھر ۾ ميگهواڙ محله ،چاچڙ محله ،  سميت شهر جي مختلف علائقن توڙي ڳوٺن ۾  انتظاميه پاران مڇر مار اسپري نه ڪرڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ۽ ڊينگي  ۽ مليريا  ۽ ڪرونا جھڙيون بيمارين جي ڦھجڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. مڇرن کي  مارڻ وارو اسپري استعمال نه ھئڻ سبب ريتي شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾  مڇرن  جو تعداد وڌڻ سبب مليريا  جي مريضن جو تعداد وڌي ويو آھي.  شهرين مامو رجب چاچڙ ،غوث بخش جت،اشفاق سومرو، نديم چاچڙ، امر علي ، ۽ شھر جي دڪاندارن  ميڊيا آڳيان دانهيندي چيو آهي ته شھر ۾ گندگى جا ڍير لڳل آهن ۽  شھرجي ڀرسان گندو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري آبادي جي علائقن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي هنن چيو ته  اسين ڊي سي گهوٽڪي ۽ صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪيون ٿا ته  شهر جي پاڙن ۾ مڇر مارڻ واري اسپري جو استعمال جا اپاء جلد ورتا  وڃن ته جئين ماڻهون  هن موذي مرضن کان بچي سگھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.