لاڙڪاڻي ۾ ٺري واسڻ جو ڏيرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻِ ۾ ٺري ميرواهه جي ڳوٺ شير خان فقير جي رهواسڻ 6 ٻارڙن جي امڙ عورت سليمت خاتون شر ڏيرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل شعبان جي 12 تاريخ منهنجي ڌيءُ شبانه جي شادي شڪارپور جي ڳوٺ رحيم داد شر جي رهواسي نوجوان نور حسن شر سان 3 لک روپين عيوض ٿي شادي جي ستاوڙي تي ڄاٽو ۽ ڌيءُ اسان وٽ ڳوٺ دعوت تي آيا هئا. هن الزام لڳايو ته بااثر مائٽ عبن شر جي چرچ تي ڏيرن سرور، علي بخش، علي گل ۽ ڪامران شر وارن ڄاٽي کان سندس زال کسي کيس لٺين سان سخت تشدد جو نشانو بڻائي رتورت ڪري ڇڏيو . جيڪو حد جي ٺري ميرواهه ٿاڻي جي پوليس وٽ وڃي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ پئي چاهيو پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ويتر ڏيرن منهنجي 7 جريب زرعي زمين تي قبضو ڪري مون کي ڄاٽي نور حسن سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري قتل ڪرڻ چاهن ٿا . جنهن ڪري آءُ گهران نڪري جان بچائي درگاهه سعيدي موساڻي ۽ ٻين درگاهن تي رهائش اختيار ڪئي آهي هن وقت به منهنجا ڏير منهنجي ڳولا ۾ آهن ۽ مون کي ڪنهن به وقت قتل ڪيو ويندو ان لاءِ منهنجي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آهي ته ڏيرن ۽ بااثر عبن شر خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

لاڙڪاڻي ۾ بيواهه عورت جو بااثرن خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ملان عثمان جتوئي جي رهواسڻ بيواهه پيرسن عورت منظوران زادي زال مرحوم احمد نواز جتوئي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ جي بااثرن نادر جتوئي، گوشو جتوئي، اختر، صديق، عالم، ڪپتان، سلمان، منظور، منير، مصطفيٰ، محمد علي، وسيم جتوئي ۽ ٻين چار مهينا اڳ منهنجي 4 جريب زرعي زمين تي قبضي ڪري مون کي گهر ڀاتين سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. . هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته زرعي زمين تان قبضو ختم ڪري بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.