ڇور ۾ مختلف ڳوٺن جا روڊ تباهي ڪناري پهتل

ڇور  (ن ع آ  ) روڊس کاتي جي لاپرواھي ۽ چونڊيل ميمبرن جي بي ڌياني ۽ ٺيڪيدارن جي مبينا ڪرپشن سبب برساتن کان پوء تعلقي عمرڪوٽ جي 60 کان مٿي ٻھڙاري جي ڳوٺن جا ٺھيل پڪا لنڪ روڊ وقت کان اڳ ٽٽي تباھ ٿي ويا آھن روڊن جي ڪمن ۾ ڏامر جي جاء تي ڪارو تيل استعمال ڪرڻ ڪري پٿر نڪري ويا آھن روڊن ۾ ھنڌان ھنڌان وڏا کڏ ا پئجي ويا آھن  ڇور کان ڳوٺ کيت سنگھ موڙ مين ڳوٺ کلڙائي ڀنڀرا ڳوٺ اکيراج ڳوٺ چنيسر سومرو ڳوٺ سڻوھي ڳوٺ پرچي ڳوٺ اسماعيل جي ڌاڻي ڳوٺ مولوي ثناالله آريسر بگري سميجا لنڪ روڊ ٻانڌو لنڪ روڊ نيوڇور موڪڙيار عمرڪوٽ کاروڙو روڊ چيتا چوڪ ڏوڏھار لنڪ روڊ روحل واھ ٻھڙاري  روڊ ، نيوڇور کان ڇور مين روڊ  سميت مختلف ڳوٺن ڏانھن ويندڙ روڊن جي حالت تمام خراب ھجڻ ڪري روڊ مڪمل طور تي ٽٽي تباھ ٿي ويا آھن.  برساتن کان پوء روڊن جي پاسن ۾ وڏا وڏا ڏار پئجي ويا آھن اھڙي صورت حال سبب روڊن تي ھلڻ ۽ سفر ڪرڻ وڏي تڪليف کي مسافرن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.