پ پ ٿرپارڪر طرفان ملاڻي هائوس مٺي تي اجلاس

مٺي(بيوروچيف)18 آڪٽومبر تي ڪراچي ۾ رٿيل جلسي ۾ شرڪت جي حوالي سان پ پ ضلعي ٿرپارڪر پاران جوڙيل رابطا ڪاميٽي جي اڳواڻڻ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي،سشيل ملاڻي،الله بخش هنگورجو ۽ نواز باغي جي تعلقي مٺي جي عهديدارن, يوسي جي اڳوڻڻ چيئرمنن ۽ ضلعي ڪائونسلرن سان گڏجاڻي ملاڻي هائوس مٺي تي ٿي گذري, جنهن ۾ تعلقي جنرل سيڪريٽري اشرف درس, انفارميشن سيڪريٽري امر اوڏاڻي, سراج سومرو, عبدالرحمن دل, لڇمڻ سنگهه, عبدالمطلب جوڻيجو, اقبال نون, عبدالمجيد جوڻيجو, کيت سنگهه ٺڪر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ تعلقي جي سمورين يوسين مان بسن جا قافلا ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ نندلال مالهي، سشيل ملاڻي ۽ ٻين چيو ته وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي خلاف سنڌ سراپا احتجاج آهي پر وفاقي اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران گونگا ۽ ٻوڙا ٿي چڪا آهن جو سنڌ جو احتجاج ۽ آواز هنن کي ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.  اهڙن نااهلن حڪمرانن جي خلاف عوام روڊن تي اچي چڪو آهي، 18 آڪٽومبر جي جلسي کان پوءِ موجوده حڪمرانن کي هر حالت ۾ گهر ڀيرو ٿيڻو پوندو. هنن چيو ته ٿر جي عوام قومي ۽ جهموري جهدوجهد ۾ هميشه پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. موجوده عوام دشمن حڪومت ۽ ان جي سنڌ دشمن منصوبن خلاف هلندڙ جهدوجهد ۾ ٿر جو عوام هر ممڪن ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.