شهدادپور ۾روينيو ملازمن پاران گڏجي جدو جهد تي اتفاق

شھدادپور  ( ن ع آ ) آل سنڌ روينيوايپلائيزڊايسوسيئشن تعلقي شھدادپور جي گڏجاڻي ضلعي صدرمحمداسماعيل چانگ جي صدارت ۾ روينيو ڪمپليس شھدادپور ۾ ٿي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي فقيرمحمداسماعيل چانگ چيو ته روينيو ملازم کي هاڻي هڪ ٿيڻو پوندو اڄ جو اجلاس اڄ جي ميٽنگ مان ثابت آھي روينيو جا ملازم هڪ ٿي ويا آھن هن چيو اسان جي مسئل کي هميشا نذرانداز ڪيو آھي ملڪ ۾ اڄ به انگريز جو پراڻو  قانون نافظ آھي جيڪو هاڻ ختم ڪيو وڃي ملازمن کي گهوڙا الائونس جي جاء تي موٽر سائيڪلون ڏنيو وڃن هن چيو ته روينيو ملازمن جا مسئلا حل نه ڪيا ويا ته اسين احتجاج جو رستو وٺنداسين جنهن جي زميواري حڪومت تي عائد ٿيندي تعلقي صدر نديم پهوڙچيو ته اسين تپيدار ڪلارڪ ڪوٽار هڪ پيج تي آھيون.  اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي هن چيو ته تپيدار ڏينهن رات هڪ ڪري روينيو اوڳاڙين ٿا پر کين اهيو فل نه پيو پلي پوي.ان موقعي تي ڪلرڪ ايسوسيئشن شھدادپور جي اڳواڻ ملڪ منظور غلام قادر سنجراڻي سپروائيزر عجاز قريشي ديدار خاصخيلي وحيد نظاماڻي غلام مصطفه ڪريم داد بالادي الھ بخش بروهي نظير ميمڻ راجه ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.