ڪوٽڙي ۾ هڪ دفعو ٻيهر اسڪول جي پلاٽ تي قبضو

ڪوٽڙي (ت ر  )سائيٽ ڪوٽڙي جي  ليبر ڪالوني ۾ اسڪول جي پلاٽ تي قبضا مافيا پاران هڪ دفعو ٻيهر قبضو ڪرڻ جي ڪوشش، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي زمين تي قبضو ڪندڙن خلاف ورڪرز ويلفئر بورڊ پاران جوڙيل اينٽي انڪروچمينٽ ڪميٽي پاران ڪجھه ڏينهن اڳ ڊي سي ۽ ايس ايس پي کي ليٽر به لکيا ويا. ايس ايس پي پاران قبضو ختم ڪرڻ جون هدايتون ڏيڻ باوجود قبضو ڪندڙن ٻيهر اڏاوتي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. اينٽي انڪروچمينٽ ڪميٽي جي ميمبر ۽ پورهيت اڳواڻ امتياز هنڱوري موجب با اثر ڌرين جي مزدورن جي ڪالوني ۾ اسڪول لاءِ مختص ڪيل پلاٽ تي اک آهي، هن کان اڳ به ورڪرز ويلفئر بورڊجي پلاٽن توڙي ٻي زمين تي ڪافي قبضا ٿي چڪا آهن، بورڊپاران ان ڏس ۾ اينٽي انڪروچمينٽ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.  پر قبضا مافيا اسان جي بار بار لکت جي باوجود سرگرم آهي. هن ڊي سي ڄامشورو ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي فوري طور تي مداخلت ڪري قبضو ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.