باقراڻي تعلقي ۾ پ ٽ الف جي چونڊن جي حوالي سان تياريون جاري

خير محمد آريجا (ن ع آ) پوري سنڌ جيان تعلقي باقراڻي ۾ به آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسئيشن (پ ٽ الف) جي 18 آڪٽومبر تي ٿيندڙ اليڪشن جو تياريو زور شور سان جاري اليڪشن ۾ باقي ٽي ڏينھن بچيا، سيال گروپ جي حمايتي علم دوست پينل جي اميدوارن صدر محمد بخش جتوئي، جي ايس وحيد علي ھليو، ۽ انڙ گروپ جي حمايتي اميدوارن صدر ممتاز علي ڀيو، جي ايس محمد صفر تنيو جي پينلن وچ ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ سخت مقابلي ٿيڻ جا امڪان، جڏھن ته ٻنھين پينلن جي اميدوارن پاران ورڪ مھم تيز ڪندي ووٽ وٺڻ لاءِ استادن وٽ نوان ڏٽا کڻي پھچي ويا، ووٽ ڏيڻ لاءِ استادن کي ايلاز منٿ جاري استادن جا ناز ۽ ماڻان به وڌي ويا. ، جڏھن ته ٻنھين پينلن جي اميدوارن پاران استادن کي سياسي ڀوتارن کان فونين ڪرائڻ جو سلسلو به جاري آھي، ھوڏانھن تمام ويجھي ۽ اھم ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته پ ٽي الف اڳواڻن سياسي ڀوتارن جي حڪمن تحت استادن کي في ووٽ جا پئسا ڏيڻ جي آڇ پڻ ڪئي وئي آھي، ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته باقراڻي تعلقي ۾ رجسٽرڊ ٿيل استادن جا 707 ووٽن مان ڪنھن جي نصيب ۾ وڌيڪ ووٽ پون ٿا ۽ تعلقي باقراڻي جي پ ٽ الف جي صدر جي ڪرسي تي ڪيرٿو ويھي؟.

خاص ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي:سماجي اڳوان

سکر( رپورٽر) پاڪستان ڊسيئبل فائونڊيشن جي مرڪزي اڳواڻ شاهد ميمڻ چيو آهي ته اڇي لٺ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي خصوصي ماڻهن لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. سندن صلاحيتن کي هٿي وٺرائي ڦهليل مايوسي ختم ڪرڻ گھرجي. اڇي لٺ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن تي نابين ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت کي فوري طور اپاءُ وٺڻ گھرجن،.  هن اهڙيون ڳالهيون سکر ۾ ڪوٺايل تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون، تقريب ۾ پي ڊي ايف جي عبدالمنان، حافظ سهيل احمد، پ پ ليڊيز ونگ سکر جي اڳواڻ عزرا جمال، حسان ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، شاهد ميمڻ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت نابين ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري ته ملڪ جا نابين سموريون صلاحيتون رکن ٿا، انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته نابينن کي پيش ايندڙ مسئلن لاءِ ڪنهن به حڪومت اپاءُ ناهن ورتا.

هالاڻي ۾ پ ٽ الف جي چونڊن جون سرگرميون، علم دوست پئنل جي حمايت

هالاڻي (ن ع آ) استاد تنظيم پ ٽ الف چونڊ علم دوست پئنل پاران سرگرميون تيز ٿي ويون سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس استادن علم دوست پئنل جي حمايت جو اعلان ڪيو علم دوست پئنل صدر جي اميدوارن جا مختلف اسڪولن جا دورا استادن سان ملاقاتون ڪري کين پنهنجي منشور کان اگاھ ڪيو ويو مختلف هنڌن تي صدر جي اميدوار اصغر علي آرائين ۽ مختيار خاصخيلي ۽ ٻين چيو تہ هاڻي وقت اچي ويو آهي تہ نوجوان قيادت آڏو اچي پ ٽ الف سيٺيو گروپ استادن جي حقن لاء جهدو جهد ۾ هراول دستي جو ڪردار ادا ڪندي . سختيون سٺيون آهن هنن چيو تہ پ ٽ الف جي اڳين قيادت استادن جي جائز حقن لاء پڻ آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري استادن کي ڦريو ۽ لٽيون آهي پر هاڻي ائين هرگز نہ ٿيندو هنن چيو تہ استاد برادري هن اليڪشن ۾ اسان تي اعتماد ۽ اعتبار ڪري ووٽ ڏئي اسان جي ڪارڪردگي ڏسي اسين کين اڳين قيادتن وانگي مايوس هرگز بہ نہ ڪنداسين هنن استاد برادري کي اپيل ڪئي تہ 18 آڪٽوبر 2020 تي پ ٽ الف تعلقي محرابپور جي چونڊ ۾ علم دوست پئنل کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا.

خانپور مهر جي صحافي جي ڏاڏي لاڏاڻو ڪري وئي، تعزيت جاري

خانپورمهر ( رپورٽر) خانپورمهر جي سينيئر صحافي حسن مهر جي ڏاڏي رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪري وئي، جنازي نماز ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، صحافين پاران گهري ڏک جو اظهار، خبرموجب ،خانپورمهر جي سينيئر صحافي حسن مهر جي ڏاڏي 85 ورهين جي ڄمار ۾ رضا الاهي سان لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جي جنازي نماز گهوٽڪي بس اسٽينڊ ڀرسان سردار پمپ وٽ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مرحومه جو مڙھ مقامي قبرستان ڀڙ شريف ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ، هوڏانهن خانپورمهر جي صحافين شھزادو لاڙڪ ، ميھر مھر ، سري چند ڪپور ، عظيم سيال ، سائل قاضي ، خادم قاضي ، ڀاڳچند سيجواڻي ، نواب ميراڻي ، خان محمد پتافي ، عبدالوحيد گڏاڻي  ۽ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين تڏي تي پهچي صحافي حسن مهر سان سندس ڏاڏي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪري گهري ڏک جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سينئير صحافي حسن مهر سان سندس جي ڏاڏي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي…

غوثپور جي يوٽليٽي اسٽور ۾سامان اڻلڀ، احتجاج

غوثپور( ن ع آ )   شھر ۾ قائم ڪيل يوٽيلٽي اسٽور ۾ سامان جي کوٽ خلاف شهر واسين  جو احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالستار اوڳاهي، عبدالباسط شيخ ، ميرحسن محمداڻي چيو ته يوٽيلٽي اسٽور   ۾ روز مره جي زندگي استعمال  ٿيندر گيھ، کنڊ، اٽو ۽ ٻيو سامان نه موجود نه هوئن جو سبب ڄاڻائي کين واپس ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽور جو سامان دڪاندارن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري غوثپور شھر  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن کي اسٽور مان فائدو حاصل نٿو ٿي سگهي هنن ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي يوٽيلٽي اسٽور ۾ سامان جي کوٽ ڄاڻايندرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي

مبارڪپور ويجهو سياسي اڳواڻ بابو بروهي جي ڀيڻ لاڏاڻو ڪري وئي

مبارڪپور  (ن ع آ) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ نصر محمد بروهي جي سياسي اڳواڻ بابو خان بروهي جي ڀيڻ فوت ٿي وئي ، سياسي سماجي ۽ مذهبي ماڻهڻ جي شرڪت ، سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي : مبارڪپور : ڳوٺ نصر محمد بروهي ۾ چڱي مڙس سياسي سماجي اڳواڻ بابو خان بروهي جي ڀيڻ مبارڪپور جي صحافي ٽڪري موسي جان بروهي جي مامي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي.  جنهن جي جنازي نماز ۾ علائقي جي جي سياسي سماجي مذهبي ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد مڙه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو.

کيبر جي عوام جي خدمت لاءِ ھر وقت تيار آهيون: ٽائون آفيسر

اڏيرولعل وليج (ن ع آ)ٽائون ڪميٽي کيبر جي ٽائون آفيسر گلاب جمالي جي ميڊيا سان عوامي مسئلن تي ڳالھه ٻولهھ ڪندي چيو ته سرٽيفيڪيٽن جي حوالي سان نادرا سان ڪنيڪٽيڊ آن لائن سسٽم اپ ڊيٽ ٿي رھيو آھي، جيڪو ڪجھه ئي ڏينھن ۾ مڪمل ٿي ويندو ۽ اسان پنهنجي ٽائون ڪميٽي کيبر جي رھواسين کي سرٽيفيڪيٽس جاري ڪنداسين. . ھن وڌيڪ چيو ته اسين گذريل بلدياتي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي جاري ٿيل ھدايتن تي عمل ڪندي ھلندڙ ڪمن کي فالو ڪري رھيا آھيون ۽ ان سان گڏوگڏ کيبر جي عوام جي خدمت لاءِ ھر وقت تيار آهيون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.