ميرپورخاص ۾زميندار جو علائقي جي بااثر خلاف احتجاج

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي ديھ سانگرو جي زميندار فضل الاهي ميمڻ ميرپرخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان کاتيدارن جو واٽرڪورس نمبر 1 اي اي ايل سانگرو شاخ مان آهي اسان جي واٽر جي ڀرسان خوشحال پٽ ويرومل ٻه ايڪڙ زمين خريد ڪئي آهي جن جا سروي نمبر 327 ۽ 328 آهي جيڪي اسان جي واٽر کان ڌار آهن سندس زمين جو اسان جي واٽر سان ڪوبه تعلق ناهي. هنن چيو ته خوشحال اسان جي واٽر جي ڀرسان جيڪي بند پيل هئا اُهي پنهنجي زمين ۾ لهرائي ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري واٽر ۾ گھارا پوڻ جا خدشان وڌي ويا آهن.  جنهن سان اسان جي فصلن کي وڏو نقصان پهچي سگھي ٿو هنن چيو ته خوشحال جو چوڻ آهي ته آءُ پنهنجي زمين تي پيٽرول پمپ لڳرائيندس جنهن لاءِ هو واٽر ۽ روڊ جي وچ ۾ مٽي اڇلرائي رهيو آهي معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.