ميان صاحب ۾ٽي او پاران دورا، ايس او پيز جو جائزو

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ۾ ٽي اي او تعليم خانپور روبينا سوھو طرفان پرائمري اسڪولن قطب ڪٽو ،بلاول کوھارو ،اردو پرائمري اسڪول ، مڱريوواهي ، ميرڪيهر ، الله بخش ڪيهر ، زرخيل ، خان محمدخان ، سميت ٻين اسڪولن  جي وزٽ اسڪولن ۾ ايس او پيز جي اصولن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جون ھدايتون ٻارڙن ۽ استادن کي ماسڪ پائڻ ،سينيٽائزر استعمال ڪرڻ جون پڻ ھدايتون ڏنيون ويون. ٻي طرف مين پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر خادم چنا ڳالھائيندي چيو تہ اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ جڳھ جي کوٽ ھئڻ سبب ھڪ ڊيسڪ تي ٻن جي جڳھ تہ چار چار شاگردن کي ويھاريو وڃي ٿو ايس او پيز جي حڪم تي عمل ڪرڻ مشڪل آھي تنھن ھوندي سھولتن آڌار ڪوشش ڪيون ٿا، ھڪ ڪلاس کي ٻن شفٽن ۾ ھلائيون ٿا ته جئين ڪرونا وائرس کان محفوظ رھي سگھجي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.