ڏوڪري لڳ نوجوان تي تشدد، بيهوش ڪري ڦٽو

ڏوڪري (ن ع آ)  ڏوڪري ڀرسان مبينا طور نوجوان مٿان تشدد ڪيو ويو آهي ، نوجوان بيهوشي حالت ۾ قبرستان مان مليو آهي کوجي  ڪتن ذريعي پيرا کڻايا ويا،پوليس هڪ ڄڻو گرفتار ڪرڻ بعد مبينا طور  رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو ان ڏس ۾ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ٻنڊي ۾  جوابدارن 24 ورهين جي نوجوان رجب علي ساريو ولد نازل علي ساريو کي گهر ڀرسان مبينا طور کنڀي  سخت تشدد ڪري،  جسم تي چاقوءَ سان جهير ڏئي دماغ ۾ ڏنڊا هڻي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڳوٺ ٻاهران قبرستان ۾ ڦٽي ڪري هليا ويا. وارثن پاران ڳولها ڪرڻ بعد زخمي نوجوان بيهوشي واري حالت ۾ مليو، جنهن بعد کيس لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارثن پاران جوابدارن جي ڳولا لاءِ کوجي ڪتا گهرائڻ بعد ڳوٺ ملان ساريا جي رهواسي نادر علي ساريو ولد ﷲ ڏنو ساريو جي گهر ۾ پيرا پيا، جنهن کي  موهن جو دڙو ايئرپورٽ پوليس گرفتار ڪري رشوت عيوض هڪ ڪلاڪ بعد آزاد ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار ۽ زخمي نوجوان وچ ۾ سڱاوتي جي معاملي تان اڻ بڻت هلندڙ آهي . هوڏانهن زخمي نوجوان جي ڀاء رانجهن ساريو ٻڌايو ته بي گناھ منهنجي ڀاءُ کنڀي تشدد ڪيو ويو آهي کوجي ڪتن ذريعي پيرا کڻايا ويا پوليس جوابدار پڪڙي آزاد ڪري ڇڏيا آهن هن وڌيڪ ٻڌايو ته  چڱي مڙس وٽ ڳالهيون رٿيل آهن. هوڏانهن پوليس جو چوڻ آھي ته ته اسان ڪابه رشوت نه ورتي آهي الزام اجايا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.