ميرپور ساڪرو ۾واپاري جي دڪان مان چوري، پوليس آرامي!

ميرپور ساڪرو ( ن ع آ ) ميرپور ساڪري ۾ بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگھيو رات دير سان ساڪري جي واپاري جو دڪان ٻيھر ڦرجي  ويو پوليس ڪو به ٻوٽو ٻاري نه سگهي  خبرموجب ميرپور ساڪري شھر ۾ بدامني تي ڪنٽرول نه ٿي سگھيو رات دير سان غلام شاھ جو سيدو سامان جو دڪان مان رات دير سان چورن دڪان جي ڇت واري چادر ٽوڙي لڳ ڀڳ 70 ھزار روپين جو سامان ۽ ڪيش رقم چور چورائي ويا جڏهن ته ھڪ مھينو اڳ پڻ ساڳيي دڪان مان چور لکين روپين جو سامان  کڻي ويا ھئا ھتان جي شھريـن ايس ايس پي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته بدامني جي وڌندڙ وارداتن تي ڪنٽرول ڪري شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.