روهڙي لڳ ملڪيت تان نوجوانن تي تشدد، احتجاج

سکر( رپورٽر) رت جي رشتن کي انا پرستي جي باهه وڪوڙي وئي، ملڪيت تي قبضي خاطر وڏي ڀاءُ جو ننڍن ڀائرن تي تشدد، موتمار  ڌمڪيون، متاثرن جو سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج، خبرموجب روھڙي جي علائقي پٽڻي ٿاڻي جي حد ٽنڊو ٻوراھو جي رھواسي متاثرن تعمور کوسو، سعود کوسو سکر پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو آهي ته  ڄاڻايل علائقي ۾ اسان جا ٻه دڪان آھن، جنھن تي جوابدار بابر کوسو، غلام قادر ۽ ٻيا قبضو ڪري رھيا آھن ھنن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدارن گھر تي حملو ڪري اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪيو ھو، اھڙي واقعي جو ڪيس حد ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ وياسين پر پوليس اهلڪار غلام قادر جي ڪري اسان جو ڪيس ناھي ورتو ويو.  ھنن ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنھن ڪري حياتين کي خطرو آهي ھنن اعلي اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته معامري جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.