سيٺارجا ۾ چور ٻڪريون ڪاهي ويا، ڳوٺاڻن جو احتجاج

سيٺارجا ( ن ع آ ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهرام خان راڄپر مان گذريل رات نامعلوم چور معذور پيرسن ڳوٺاڻي علي حسن  راڄپر جي گهر ۾ داخل ٿي سندس چار ڀلوڙ ٻڪريون چوري ڪاهي فرار ٿي ويا، واقعي خلاف متاثر معذور پيرسن علي حسن سميت ڳوٺاڻن عبدالجبار، مير حسن، عبدالحميد، شاهنواز، محمد نواز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪنارا چوڪ وٽ ڌرڻو ۽ پريس ڪلب سيٺارجا آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي معذور پيرسن علي حسن ٻڌايو ته منهنجي گهر جو گذر سفر انهن ٻڪرين تي هيو جيڪي چوري ڪاهجي ويون آهن، جيڪي فوري طور تي واپس ڪرايون وڃن، جڏهن ته مظاهرين ايس ايس پي خيرپور جي سيٺارجا اچڻ واري اطلاع تي سندس سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر نه ملي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.