سيوهڻ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ اضافو، لاڪ ڊئون، متاثر گهٽيون سيل

سيوهڻ (ن ع آ ) ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪئپٽن رٽائرڊ فريدالدين مصطفي تعلقي سيوھڻ جي وڏي ڳوٺ ڪرمپور ۾ ڪرونا جي ڪيسن  ۾ تيزي سان اضافو اچڻ بعد مائيڪرو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ڊي سي ڄامشورو پاران اھڙو حڪم صحت کاتي ڄامشورو ۽ سيوھڻ انتظاميا پاران گذارش تي ڏنو ويو آهي جنهن جو نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي..  ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي  ته ڪرونا وائرس جا تيزي سان ڪيس ظاھر ٿيڻ ڪري ڳوٺ ڪرمپور ۾  مائيڪرو لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ۽ ڳوٺ جي متاثر گهٽين کي سيل ڪري سمورا دڪان، ڪاروبار، تعليمي ادارن کي 15 ڏينهن تائين بند رکيا وڃن. ڊي سي ڄامشورو اھڙي حڪم بعد  اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ عبدالرحيم قريشي پوليس سان گڏ ڳوٺ ڪرمپور ۾ پھچي ڄاڻايل 2 گھٽيون سيل ڪري اتي لاڪ ڊائون تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.