سجاول ۾ٺيڪيدار جو ٽائون عملي خلاف احتجاج

سجاول( ڊ ر) سجاول جي ٺيڪيدار عثمان لوٺيو پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏ پريس ڪلب آڏو ٽائون انتظاميا پاران رهيل رقم جي  ادائيگي نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ ٽائون چيئرمين پاران سجاول شهر ۾  روڊن گهٽين گٽر نالن جي مرمت سميت ٻيو ڪم ڪرايو ويو هو ليڪن ڪرايل ڪمن جي رقم جي ادائيگي نٿي ڪئي وڃي. ، ھن چيو ته ٽائون ڪاميٽي سجاول جي انتظاميا تي 25 لک روپيه رھيل آهن  جن مان اڳوڻي چيئرمين 5 لک 78 ھزار جا چيڪ پڻ جاري ڪيا ھئا جيڪي وقت سر ڪيش ٿي نه سگهيا ۽ ھاڻي ايڊمنسٽريٽر سجاول انهن تي ڪائونٽر صحيح ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنهن ڪري سخت پريشان بڻجي ويو آهيان، ٺيڪيدار عثمان چيو ته مون ھڙان وڙان خرچ ڪري مليل ڪم مڪمل ڪرايا ۽ بل به آڊٽ مان پاس ڪرايا پر رقم نٿي ڏني وڃي ھن ڊي سي سجاول سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مون سان انصاف ڪري منهنجو حق مونکي ڏياريو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.