انب موري ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، احتجاج، ڌرڻو

انب موري ( ن ع آ ) ٽنڊو جان محمد باء پاس تي احسان جروار جي اڳواڻي م سوين ماڻھن نئوڪوٽ  ميرپورخاص روڊ بند ڪري ٽي  ڪلاڪ روڊ تي شاميانو لڳائي ويهي رهيا هنن مطالبو ڪيو ت ٻن مهينن کان برساتي پاڻي گهرن زرعي زمين م چار کان پنج فٽ بيٺل آھي اسان اڳ ب اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي جهامن داس کي  درخواستون ڏنيو ت پاڻي ڪڊرائي ڏنو وڃي جنهن  وعدو ڪيو پر عمل ن ڪيو.  اسان ان کانپوء اڄ چوٿون دفعا هن ساڳين جڳھ تي درڻو هنيو آھي اڳ واري درڙن م ب ايسي ڊگهڙي اسان کي ڪوڙا دلاسا ڏيئي درڻا ختم ڪرايا اڄ اسان تيسين تائين ن اٿنداسون جيسين پاڻي نيڪال ن ٿيندو  ان وچ ۾ اسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي جهامن داس ب درڻي واري جڳھ پهچي ڳالهيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جي ڪنهن ب هڪ ن ٻڌي ۽ هي هليو ويو ڌرڻي واري جڳھ تي ڊي ايس پي ڊگهڙي آفتاب ٽالپر  ۽ ايس ايڇ او ٽنڊو جان محمد عبدالمجيد گرگيج پهچي درڻو هڻدڙن سان ڪامياب ڳالهيون ڪري درڻو ختم ڪرايو ۽ پاڻي نيڪال جو يقين ڏياريو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.