جوهي ۾ پي ٽي آءِ جو پوليس زيادتين خلاف ڌرڻو

جوهي (ن ع آ)جوهي پوليس جي زيادتين خلاف پي ٽي آءِ سٽي جوهي جي نائب صدر مولاداد رند عاشق، حسين شيخ، شان علي چهواڻ ۽  ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جوهي برانچ جي منڍ تي ڌرڻو هڻي چوٿين ڏينهن تي به علامتي بک هڙتال جاري رکي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جوهي سٽي جي اڳواڻ مولاداد رند ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو ته ڪجهه وقت اڳ پ پ جي اڳواڻن سياسي انتقامي ڪارروائي ڪندي منهنجي خلاف جوهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو جيڪو عدالت اهو ڪيس ڪوڙو ڪري با عزت بري ڪري ڇڏيو. ھنن اعليٰ عدالتن ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته موٽر سائيڪل واپس ڪرائي انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.