سکر ۾ آپڪا جي آفيس جي منتقلي خلاف ڪم ڇڏ هڙتال

سکر ( رپورٽر) آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن(آپڪا) گڊو بئراج يونٽ سکر طرفان ڊيزرٽ پٽ فيڊر سرڪل سکر کان ڪشمور  منتقل ڪرڻ خلاف 3 ڏينهن به قلم ڇڏ هڙتال ڪري چيف آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، مظاهري جي اڳواڻي ڊيزرٽ پٽ فيڊر سرڪل جو سپرينٽينڊنٽ دلشاد سمون،  آغا طاهر مغل، جاويد ڀٽو، رفيق لاشاري، لال بخش پٺاڻ، عبدالحليم مهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرين چيو ته انگريزن جي دور کان گڊو بئراج ريجن آفيس ۽ ان جون ٻئي سرڪليون سکر بئراج ڪالوني ۾ قائم آهن جڏهن ته ملازمن جي لاءِ رهائشي ڪوارٽر به ملازمن کي الاٽ ٿيل آهن، جيڪڏهن آفيس ڪشمور منتقل ٿي وڃي ته ملازم انتهائي پريشانين جي ورچڙهي ويندا، ان سان گڏ ان جي ٻارن جي تعليم به تباهه ٿي ويندي، سنڌ حڪومت توڙي ڪورٽ سڳوري جو آرڊر آهي ته هيٺين ملازمن کي ضلعي هيڊڪوارٽر کان ٻي هنڌ منتقل ڪرڻو ناهي، هن چيو ته اعليٰ آفيسرن جي طرفان ڪيل ظالماڻي ڪارروائي کي جلد از جلد روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن جا جي يو آءِ اڳواڻن جا دورا، ڪراچي جلسي بابت تياريون

لاڙڪاڻو(ڊ ر) جمعيت علماءِ اسلام لاڙڪاڻي پاران 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ پي ڊي ايم جي جلسي لاءِ رابطه مهم تيز ڪري ڇڏي آهي. جمعيت علماءِ اسلام ضلعي جنرل سيڪريٽري محبت علي  کهڙو مولانا عبدالجبار حيدري، مولانا طاهر محمود سومرو، مولانا جمال مصطفي تنيو، مولانا محمد الياس چنه، مولانا حميدالله سيال، حافظ نصير احمد ڀٽو، مولانا طارق حسين پنهور، مولانا محمد مراد معرفاڻي، طارق حسين سومرو ۽ ٻين اڳواڻن مختلف علائقن ڏوڪري، باڊهه، نئون ديرو، رتوديرو، بنگلديرو جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ قاديانين جي سرگرمين تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.  چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي واري جلسي ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو، نئين پاڪستان جي نالي تي عوام کي ڌوڪو ڏيندڙ سليڪٽيڊ ۽ سندن ڪٺ پتلي حڪومت خلاف عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو، سليڪٽيڊ حڪومت جلسن جو ٻڌي وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ ملڪ خلاف ٿيندڙ هر سازش جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، نااهل حڪمران ملڪ کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، مهانگائي جي سونامي جي ڪري عوام کان تبديلي جو نعرو وسري چڪو آهي، جيڪڏهن هي تبديلي آهي ته عوام ان کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪندو، هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف عوام کي سبز باغ ڏيکاري ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي.

سکر ۾ ڦوٽو گرافرن ۽ ڪئمرامينن جي ٻارن کي ڪتاب، ٿيلها ۽ ٻيو سامان فراهم

سکر( رپورٽر) ڪئميرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن سکر پاران سکر جي اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ جي تعاون سان سکر پريس ڪلب ۾ سکر جي ڪئمرامينن ۽ فوٽوگرافرن جي ٻارن ۾ ڪتاب،  اسڪول جا ٿيلها، اسٽيشنري، اسڪول جا بوٽ، ٿرماس ۽ لنچ باڪس ورھائيا ويا. تقريب ۾ سکر پريس ڪلب جي صدر نصرالله وسير، سيفما جي مرڪزي اڳواڻ لالا شھباز خان پٺاڻ، ايس يو جي جي جنرل سيڪريٽري جاويد جتوئي، ڪئميرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽس جي صدر بخش علي ڦلپوٽو، نائب صدر اسامہ طلعت، سينئر نائب صدر محمد ابراھيم سومراڻي، خزانچي نعيم غوري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ھر سال جيئان ھن سال به سکر جي ڪئمرامينن ۽ فوٽوگرافرن جي ٻارڙن ۾ اسڪول جا ڪتاب ء ٻيو سامان ورھائيو ويو آھي. جنھن سان ٻارن جون تعليمي سرگرميون جاري رھي سگھنديون. تقريب ۾ اڳوڻي ميئر ارسلان ارسلان شيخ پاران تعاون ڪرڻ تي شڪريو پڻ ادا ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.