سوڀوديرو رورل هيلٿ سينٽر عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل

سوڀوديرو ( رپورٽ: اورنگزيب پيرزادو ) سوڀوديرو جو رورل ھيلٿ سينٽر عوام لاءِ بي فائده بڻيل رھواسي علاج لاءِ  مختلف شھرن جا ڌڪا کائڻ تي مجبور علاج لاءِ ايندڙ مريض دربدر ٿيڻ لڳا اسپتال اندر ايڪسري مشين،  ڊينٽل مشين، الٽراسائونڊ مشين سالن کان خراب پيل آھن، سوڀوديرو اسپتال ۾ دوائن ۽ عملي جي شديد کوٽ سوڀوديرو شھر جي سول سوسائٽي، انساني حقن جي عھديدارن، شھرين انساني حقن جي تعلقي صدر اورنگزيب،  ايڊوڪيٽ عاشق علي شيخ ۔ سماجي اڳواڻ امداد حسين اوٺي۔محمد علي چنا۔ فتح علي سومرو۔ڪامريڊ وليداد عرف ضمير حسين سھتو حميد ملاح ۽ ٻين ٻڌايو ته سوڀوديرو اسپتال ۾ ڪاري وارا ڪک ھوندا آھن، جتي الٽراسائونڊ، ڊينٽل مشين، ايڪسري جي ڪابه سھوليت نه آھي ۽ اسپتال ۾ پيل مشينون سالن کان خراب پيل ۽ ٽيڪنيشن ۽ ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب خراب ۽ بند پيل آھن جنھن ڪري غريب مريضن کي علاج لاءِ گمبٽ ۽ راڻيپور جي اسپتالن ڏانھن ڌڪا کائڻا پون ٿا اسپتال ۾ دوائن ۽ عملي جي شديد کوٽ آھي، اسٽريچر نه آھن ڪميونٽي ۾ فرنيچر ۽ اسٽاف نه آھي  سوڀوديرو اسپتال جي بلڊنگ جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آھن اسپتال جي بلڊنگ کي بلڊنگ کاتو خيرپور طرفان ڪافي سال اڳ حاڃيڪار قرار ڏنو ويو آھي رات جو اسپتال چوڪيدارن ۽ مالھين حوالي ٿيل آھي، جتي ڊاڪٽر ڊيوٽي نه ڪندا آھن، رھواسين چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، وڏي وزير ۽ صحت واري صوبائي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.