مدئجي ۾ گهر مان 17 ڪبوتر ۽ ٻيو سامان چوري

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي جي غريب آباد محلي جي رهواسي غلام قادر بروهي جي گهر ۾ نامعلوم چورن داخل ٿي گهر ۾ بيٺل 17 ڪبوتر،سولر پليٽ ۽ بيٽري چوري ڪري  آساني سان فرار ٿي ويا،ان سلسلي ۾ گهرڌڻي غلام قادر بروهي مرتضيٰ بروهي دانهيندي چيوته گذريل رات دير سان نامعلوم جوابدارن گهر ۾ گهڙي گهر اندر بيٺل ناياب نسل جا 17 ڪبوتر ،سولر پليٽ ۽ هڪ بيٽري چورائي آساني سان فرار ٿي ويا،سجاڳ ٿيڻ بعد پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس واقعي واري هنڌ به ناهي پهتي،هنن اختيارين کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي ملوث چورن جو پتو لڳائي چوري ڪيل ناياب نسل جا 17 ڪبوتر ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

سرحد ٿاڻي تي ڇاپو، 2 باندي آزاد

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي لڳ سرحد ٿاڻي تي عدالتي ڇاپي ۾ ناحق گرفتار ڪيل 2 ڄڻا بازياب، ايس ايڇ او رڪارڊ سميت عدالت  ۾ طلب، ڇاپي دوران اهلڪار ٿاڻي مان کسڪي ويا، خبرموجب ڳوٺاڻي عبدالستار شيخ پاران پنهنجي وڪيل وسيم احمد سندراڻي  جي معرفت سرحد پوليس خلاف عدالت ۾ درخواست  داخل ڪرائيندي موئقف اختيار ڪيو هو ته سرحد پوليس منهنجي ٻن ڀائرن راشد ۽ غلام نبي شيخ کي ناحق گرفتار ڪيو آھي جنهن تي عدالت جي طرفان ريڊڪمشنر نقاش دلاور پاران سرحد ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻيل ٻن ڄڻن راش شيخ ۽ غلام نبي شيخ کي بازياب ڪرايو ويو، ۽ ايس ايڇ او سرحد کي سڀاڻي رڪارڊ سميت عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ريڊ ڪمشنر جي سرحد ٿاڻي تي ڇاپي دوران پوليس اهلڪار ٿاڻي مان کسڪي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.