احمدپور لڳ پل نه هجڻ ڪري ٻارڙا ڪاٺي جي پل تان گذرڻ لڳا ، احتجاج

احمدپور ( رپورٽ : نديم راجا ميتلو) احمدپور لڳ ڳوٺ محمد امين ميتلو کي لالڻ واهه تي ڳوٺ ڀرسان ڪراس پل نه هجڻ ڪري ڳوٺاڻن ذوالفقار ميتلو، اويس ميتلو، محمد خان ، هدايت الله ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺ کي ڪراس نه آهي جنهن ڪري اسڪولي ٻارڙا ڪاٺي جي پل ڪراس ڪري اسڪول وڃڻ تي مجبور آهن جنهن ڪري ٻارڙن جو حياتيون داءُ تي لڳل آهن جڏهن ته ڳوٺ واسين جو به ٻئي ڳوٺن سان رابطو ڪٽيل آهي ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته پل نه هجڻ ڪري ڪاٺي تان ڪراس ڪرڻ دوران ڪيترائي اسڪولي ٻار توڙي ڳوٺاڻا واهه ۾ ڪري پيا آهن.  جن کي فوري طور ٻاهرڪڍي سندن حياتيون بچايون ويون آهن جڏهن ته پل جي اڏاوت لاءِ تڪ جي چونڊيل نمائندن سميت ضلعي انتظاميه کي لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر ان باوجود ڪنهن جي به ڪن تي جوءَ نه چري آهي رهواسين اعليٰ اختيارين سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن کان پرزور مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته جلد ڳوٺ کي پل ڏئي معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.