پني عاقل لڳ خوني تڪرار تان حملو، ڳوٺاڻو قتل، لاش رکي ڌرڻو

پنوعاقل (رپورٽ:نور محمد سومرو) گذريل اربع رات دير سان جتوئي برادري جي ھٿياربندن دڦر لڳ يونس جتوئي جو در  کڙڪائي کيس کي سڌيون گوليون ھڻي ٿڏئي تي قتل ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا،جنھن بعد سانگي پوليس ۽ ڳوٺاڻن واقعي واري ھنڌ پھچي مارجي ويل محمد يونس جتوئي جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد واپس ڳوٺ پھتا رات گذرڻ تائين قاتل گرفتار نه ٿيڻ ڪري جتوئي برادري جي سوين ماڻھن لاش کڻي سانگي ٿاڻي آڏو قومي شاھراھ تي گوليون لڳل لاش رکي ڌرڻو ھنيو، جتي سانگي،سلطانپور،پنوعاقل ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس پھچي مقتول جي وارثن فيض اللھ،علي حيدر،عبدالحميد،امين جتوئي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو گذريل رات دير سان جتوئي برادري جي ھٿياربندن علي محمد،منصور،انور،منظور،افتخار منور جتوئي ۽ ٻين گھر تي حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪرڻ سان اسان جي گھر ڌڻي محمد يونس کي قتل ڪري ڇڏيو،ھنن گھر ڪئي ته جوابدارن جا گھر ڊاھي گرفتار ڪري انصاف ڏنو وڃي،ياد رھي ته گذريل ٽن سالن کان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار ھلندڙ آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.