گهوٽڪي ويجهو موٽر سائيڪل ترڪي پئي، ماءُ پٽ زخمي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ويجھو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب ماءُ پٽ زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،خبر  موجب گهوٽڪي جي باءِ پاس تي ڏنگڙي واهه ڀرسان موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ مٺڙي واسي نوجوان حاڪم علي پٽ غلام سرور نوناري ۽ سندس امڙ مومل زخمي ٿي پيا جن کي گهوٽڪي جي تعلقيٰ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊگهڙي ۾حادثي سبب فوتي نوجوان جو ڪوچ ڊرائيور تي ڪيس داخل

ڊگهڙي(ن ع آ )ڊگهڙي ڀرسان ميرواھ گورچاڻي روڊ شمس ٽائون وٽ ڪوچ جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل محمد خاصخيلي جي ڀاء محمد  شفيع خاصخيلي جي فرياد تي ڊگهڙي پوليس ٽنڊوجان محمد شهر جي رهواسي ڪوچ ڊرائيور محمد رفيق قائمخاني خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو واضع رهي ڪوچ ڊرائيور موقعي جو فائدو وٺندي ڪوچ ڇڏي فرار ٿي ويو هو پوليس ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڇڏي هئي آخري اطلاع تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي هئي.

شيخ ڀرڪيو ۾ بدامني وڌڻ لڳي، واپاري کان روڪ رقم ڦر

شيخ ڀرڪيو(ن ع آ ) شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حدن اندر هڪ ڀيرو ٻيهر بدامني جي باه گذريل ڏينهن نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي  زور تي ڏينهن ڏٺي جو واپاري وحيد ڪشميري کان چوڏهن هزار ڪيش ۽ ٻه موبائل سيٽ ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جڏهن ته ڪجھ ڏينهن پهرين ساڳي ٿاڻي جي حد ۾ ڊرگھ موري جي واپارين سنيل ڪمار سميت چار ڄڻن کان 80000هزار ڦر ٿا هئا۔جڏهن ته شيخ ڀرڪيو واسي پهلاج باگڙي کان نئين سي ڊي موٽرسائيڪل، معراج نظاماڻي موٽرسائيڪل۔ لڌو ڪولهي جي گهر مان ٻڪري چوري ڪري فرار ٿي ويا هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.